هن دفعي آزاديءَ جو ڏهاڙو حب الوطني ۽ سچائي جي پيغام طور ملهائينداسين

هن دفعي آزاديءَ جو ڏهاڙو حب الوطني ۽ سچائي جي پيغام طور ملهائينداسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت طرفان مُلڪ جي آزادي ڏهاڙي جون تقريبون ڀرپور نموني ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ايندڙ مهيني آزادي ڏهاڙي ۽ ” معرڪاءِ حق“ جي تقريبن جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو.ان موقعي تي شرجيل ميمڻ چيو ته 14 آگسٽ ۽ معرڪاءِ حق جي حوالي سان تقريبون سنڌ حڪومت جي ويزن جون عڪاسي ڪن ٿيون.هن وڌيڪ چيو ته هن سال آزادي ڏهاڙو حب الوطني، قرباني، يڪجهتي ۽ سچائي جي پيغام طور ملهائي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو