هزاره ايڪسپريس جون 10 بوگيون ڪلٽي 30 مسافر فوت

سرهاري(ن س) ڪراچي کان پنجاب ويندڙ هزاره ايڪسپريس جون 10 بوگيون پٽڙي تان لهي ڪلٽي ٿي پيون، جنهن سبب 30مسافر فوت ۽ 100 کان مٿي زخمي ٿي پيا آهن. پوليس، ايمبولينس ۽ عام شهري ريسڪيو ڪم ۾ مصروف آهن. پوليس موجب وڌيڪ زخمين کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته هلندي هلندي ريل جا 2 حصا ٿي ويا جنهن بعد پوئين حصي واريون 8 کان 10 بوگيون پٽڙي تان ڪلٽي ٿيون. هڪ بوگي پل وٽ ڪلٽي ٿي آهي ۽ هيٺان پاڻي بيٺل آهي ۽ آس پاس لاش پيل آهن.

Photo Sindhyar

ان حوالي سان ڊي ايس ريلوي محمود الرحمان جو چوڻ آهي ته نواب شاهه ويجهو 10 بوگيون پٽڙي تان لهڻ جون خبرون آهن، ان حوالي سان ڄاڻ ورتي پئي وڃي.ڊي ايس ريلوي محمود الرحمان جو چوڻ آهي ته امدادي ٽرين حادثي واري هنڌ کان لوڪوشڊ روهڙي کان رواني ٿي رهي آهي.حادثي سبب اپ ٽريڪ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي.ريلوي عملدارن جو چوڻ آهي ته حادثي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو،جڏهن ته مقامي پوليس موجب هزاره ايڪسپريس جي مسافرن کي بوگين مان ڪڍڻ جو ڪم جاري آهي.ٽرين ۾ سوار مسافرن جو چوڻ آهي ته هزاره ايڪسپريس ۾ تمام گهڻا مسافر هئا ۽ ٽرين حادثي سبب ڀرپاسي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٽرين حادثي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي

مراد شاهه پاران سرهاڙي ويجهو ٽرين حادثي تي افسوس جو اظهار

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نواب شاهه سرهياري ويجهو ٽرين حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽرين حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي،وڏي وزير جو ڊي سي نوابشاهه کي هدايت ڪندي چيو  آهي ته زخمي مسافرن کي فوري طبي امداد فراهم ڪئي وڃي.

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو پاران ٽرين حادثي جو نوٽيس، اختيارين کي جاچ جي هدايت

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ وفاقي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هزارا ايڪسپريس ٽرين حادثي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.پرڏيهي وزير سرهاڙي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين حادثي جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کي جاچ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پ پ چيئرمين حادثي ۾ فوت ٿي ويل مسافرن جي وارثن سان ڏک جو اظهار به ڪيو. جڏهن ته سنڌ حڪومت کي حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ مسافرن کي فوري طور تي علاج جون سهولتون ڏيڻ جي به هدايت ڪئي.بلاول ڀٽو چيو ته ريسڪيو ٽيمن سان گڏ پارٽي جا ڪارڪن به امدادي سرگرمين ۾  حصو وٺي رهيا آهن. زخمين کي جلد کان جلد علاج جون بهتر سهولتون ڏنيون وينديون.

حادثي جو ٻڌي ڏک پهتو آهي: وفاقي وزير شيري رحمان

وفاقي وزير شيري رحمان به هزارا ايڪسپريس حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته حادثي جو ٻڌي ڏک پهتو آهي. فوت ٿيلن جي وارثن سان تعزيت ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون. رب پاڪ پوئينرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. وفاقي وزير شيري رحمان مطالبو ڪيو ته حادثي جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ انڪوائري ڪئي وڃي.

آرمي چيف جي هدايت ،فوجي ريسيڪيو عمل ۾ شامل

سرهاڙي  ۾ هزاره ايڪسپريس جون بوگيون  ٽريڪ تان لهڻ کان پوءِ  فوج ۽ رينجرز جا دستا حادثي واري هنڌ  پهچي ويا آهن، جنهن امدادي سرگرميون شروع ڪري ڏنيون آهن.رپورٽ موجب ان حوالي سان آرمي چيف طرفان امدادي سرگرمين لاءِ پاڪ فوج ۽ رينجرز کي خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن جنهن کان پوءِ فوج ۽ رينجرز جا دستا پهتا. وڌيڪ دستن کي حيدرآباد ۽ سڪرنڊ مان طلب ڪيو ويو آهي.رپورٽن موجب پاڪ فوج ۽ رينجرز کان علاوه آرمي ايوي ايشن جا هيليڪاپٽر به ريسڪيو جي لاءِ روانا ٿي ويا آهن ته جيئن ريسڪيو ذريعي زخمين جي قيمتي کان جانين کي بچائي سگهجي.پاڪ فوج جي ريسڪيو آپريشن جو سلسلو آخري زخمي جي اسپتال منتقلي ۽ حادثي  واري هنڌ ڦاٿل ماڻهن جي بحالي تائين جاري رهندو. پاڪ فوج جي دستن طرفان سرهاڙي ٽرين حادثي جي جڳهه تي تيزي سان ريسڪيو آپريشن جاري آهي.

پاڪ فوج جو دستو ريسڪيو ڪري رهيو آهي 

مراد شاهه جي نوابشاهه آمد،اسپتال ٽرين حادثي ۾ زخمين جي عيادت

وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ اڄ نوابشاھ پھچي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاھ جو دورو ڪري سرھاڙي ريل حادثي ۾ زخمين جي عيادت ڪئي ۽ سھولتن جي باري ۾ ڄاڻ ورتي. ان موقعي تي ميڊيا جي نمائيندن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ چيو تہ ريل حادثي ۾ قيمتي انساني زندگيون ضايع ٿيڻ تي تمام گھڻو افسوس ٿيو آھي ڏک جي ھن گھڙي ۾ وارثن سان گڏ آھيون ھن وڌيڪ چيو تہ ضلع انتظاميه ۽ سنڌ حڪومت پاران حادثي کانپوءِ جلد حادثي واري  جاءِ تي ريسڪيو ۽ رليف جو ڪم شروع ڪرايو ويو جڏھن تہ زخمين کي ويجھي اسپتالن ۾ منتقل ڪري علاج ڪيو پيو وڃي. وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ وڌيڪ چيو تہ ضلعي انتظاميه کي ھدايت ڪئي آھي تہ زخمين جو فوري طور تي پنھنجي وارثن سان رابطو ڪرايو وڃي جڏھن ته فوت ٿيندڙن جي لسٽ جاري ڪئي وڃي ۽ جيڪي زخمي لاپتا آھن انھن جي پڻ جاچ ڪئي وڃي سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ريلوي جي وفاقي وزير سان پڻ رابطو ڪيو ويو آهي جنھن يقين ڏياريو ته تمام ريلوي جون ريسڪيو گاڏيون واقعي واري جائي تي پھچي وينديون ھن وڌيڪ چيو ته ريلوي جي ڏھن بوگين مان 9 بوگين کي ڪلئير ڪيو ويو آهي جڏھن ته ھڪ بوگي کي پڻ جلد ڪلئير ڪيو ويندو ھن وڌيڪ چيو ته اسپتال انتظاميا پاران يقين ڏياريو ويو آهي ته زخمين کي علاج معالجي جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جيڪڏھن ضرورت پئي ته وڌيڪ زخمين کي ڪراچي يا حيدرآباد منتقل ڪيو ويندو جنھن لاء پاڪ فوج پاران ھيلي ڪاپٽر فراهم ڪيا ويا آهن وزير اعليٰ سنڌ وڌيڪ چيو ته شھيد بينظيرآباد سميت ويجھن ضلعن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏھن ته اتان جي انتظاميا کي پڻ الرٽ رھڻ لاءِ ھدايتون ڏنيون ويون آهن بعد ۾ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سانگھڙ جي علائقي سرھاڙي ڀرسان ھزارا ايڪسپريس سان پيش ايندڙ حادثي واري جاءِ تي پھچي ريسڪيو ء ريليف واري ڪم جو جائزو ورتو ان موقعي تي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن محمد عباس بلوچ پاران ريسڪيو ء ريليف واري ڪم بابت وزير اعليٰ سنڌ کي تفصيلي آگاھي ڏني ان موقعي تي ڊي آئي جي پوليس محمد يونس چانڊيو، ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ محمد اسحاق گاد ء ٻيا عملدار پڻ موجود ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو