هر ڏينهن اسرائيلي بربريت جو نئون روپ پڌرو پيو ٿئي، رئيسي

تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته اسرائيلي بمباري ۾ حماس جي اڳواڻ جي ٽن پٽن جي شهادت اسرائيلي حڪومت جي دهشت جي هڪ ٻي نشاني آهي. حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي ٽن پٽن جي شهادت تي ايراني صدر پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته صهيوني ڪنهن به انساني ۽ اخلاقي قدرن جا پابند نه آهن. هن وڌيڪ چيو ته هر گذرندڙ ڏينهن سان غاصب صهيوني حڪومت جو مڪروه ۽ وحشي چهرو واضح ٿي رهيو آهي. ايراني صدر چيو ته اسرائيل پنهنجي ذلت آميز شڪست کي لڪائڻ لاءِ هر انساني ۽ اخلاقي قدرن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته الجزيره کي ڏنل انٽرويو ۾ اسماعيل هنيه تصديق ڪئي هئي ته اسرائيلي حملي ۾ سندس پٽ حازم، عامر ۽ محمد شهيد ٿي ويا آهن، ان کان اڳ به اسماعيل هنيه جو پوٽو ۽ پوٽي به اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿي چڪا آهن. هن چيو ته منهنجي پٽن جو خون عام فلسيطينين کان اتم ناهي. هو قبلا اول جو قبضو ڇڏائڻ لاءِ جدوجهد جا شهيد آهن، الله پاڪ سندن قرباني قبول ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو