اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) ٽيڪس وصولين جي باري ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.پاڪستان آءِ ايم ايف تي صاف ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته نگران حڪومت ڪابه نئون ٽيڪس نٿي لڳائي سگهي. ايف بي آر ڪوبه نئون ٽيڪس لڳائڻ کان سواءِ هلندڙ سال مقرر ڪيل ٽيڪس وصولين جو حدف حاصل ڪري وٺندو. ناڻي واري وزارت موجب ايف بي آر طرفان ٽيڪس وصولين جو حدف وقت کان اڳ حاصل ڪرڻ کان پوءِ آءِ ايم ايف اختيارين سان آن لائن اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ روينيو بابت ڊيٽا شيئرنگ ڪئي وئي آهي ۽ هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران حاصل ٿيندڙ ٽيڪس وصولين جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو آهي.فيڊرل بورڊ آف روينيو طرفان آءِ ايم ايف اختيارين کي ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران 2.1 ٽريلين ٽيڪس گڏ ڪيو ويو. جڏهن ته 3 مهينن دوران ٽيڪس وصولين جو حدف 1.98 ٽريلين روپيه رکيو ويو هو.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف اخيارين کي ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ مهيني(سيپٽمبر 2023) لاءِ مقرر ڪيل 795 ارب روپين جي ٽيڪس وصولين جو حدف حاصل ڪيو ويو آهي.ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين ٽيڪس وصولين جا حتمي انگ اکر ملڻ کان پوءِ سيپٽمبر ۾ ٿيندڙ ٽيڪس وصوليون مقرر هدف کان ٽپي وينديون. جڏهن ته هلندڙ مالي سال 2023-24 جي پهرين ٽه ماهي(جولاءِ کان سيپٽمبر) دوران فيڊرل بورڊ آف روينيو طرفان حاصل ڪيل ٽيڪس وصوليون 2002 کان مٿي ٿي ويون آهن جيڪي پهرين ٽه ماهي لاءِ مقرر ڪيل حدف کان وڌيڪ آهن.ايف بي آر کي گذريل رات دير تائين ملندڙ ٽيڪس وصولين جي انگن اکرن موجب ايف بي آر سيپٽمبر ۾ 795 ارب روپين کان وڌيڪ جون ٽيڪس وصوليون ڪيون آهن.
