هالي ووڊ جي ٽاپ اسٽار صوفي ميوزڪ جي ديواني

نيويارڪ(م ڊ) هالي ووڊ جي مشهور اداڪاره، گلوڪاره ۽ شاعره جيڊا پنڪٽ سمٿ چيو آهي ته هوءَ صوفي ميوزڪ جي ديواني آهي. هن عابده پروين ۽ راحت فتح علي جي ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ ڳايل ڪلام چاپ تلڪ کي بيحد پسند ڪندي ان کي پنهنجي انسٽا گرام اڪائونٽ تي شيئر پڻ ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته هن ڪلام جي ڌن ۽ موسيقي سندس روح کي مزو ڏيندڙ آهي. افريقي امريڪن جيڊا کي هڪ ڪامياب ترين بزنس وومن به قرار ڏنو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو