نيويارڪ (ڊيسڪ نيوز) هاليووڊ جي اداڪاره ۽ گلوڪاره جاڊا پنڪٽ سمٿ صوفي موسيقيءَ جي هڪ پروگرام ۾ شريڪ عابده پروين سان ملاقات ڪري ساڻس عقيدت جو اظهار ڪيو ۽ عابده پروين سان گڏ تصويرون ڪڍرايون. جيڪي هن انسٽا گرام وسيلي شيئر ڪيون آهن. تصويرن کي جاري ڪرڻ سان گڏ جاڊا پنڪٽ لکيو آهي ته ”مان عابده پروين ۽ راحت فتح علي خان جي مداح ته اڳ ۾ ئي هئس پر عابده پروين مون لاءِ روحاني ماءُ جيان آهي“. جاڊا پنڪٽ هن کان اڳ به اقرار ڪندي رهي آهي ته عابده پروين سندس پسنديده ترين صوفي گلوڪاره آهي. ياد رهي ته اداڪاره جاڊ پنڪٽ هاليووڊ جي ايڪشن هيرو ول سمٿ جي زال آهي ۽ کين 02 ٻار آهن. جاڊا پنڪٽ لڳ ڀڳ 50 فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.










