نگران وزيراعظم سميت ڪابينا ميمبرن جا اثاثا پڌرا

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم ۽ سندس ڪابينه جي اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وٽ 10 تولا سون آهي، جنهن جي ماليت صرف 80 هزار روپيه آهي، هن جو ڪراچي جي ڊي ايڇ اي واري علائقي ۾ هڪ گهر آهي جنهن جي ماليت 40 لک روپيه ٻڌائي وئي آهي.رپورٽ موجب نگران حڪومت طرفان ظاهر ڪيل اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل طور تي 4 ڪروڙ 81 لک 82 هزار 580 روپين جي اثاثن جو مالڪ آهي.انوارالحق ڪاڪڙ وٽ 10 تولا سون موجود آهي جنهن جي ماليت وزيراعظم 80 هزار روپيه ظاهر ڪئي آهي، ان وٽ 20 ايڪڙ خانداني زرعي زمين موجود آهي، جنهن جي ماليت 80 لک روپيه آهي ان جا پاڪستان چاغي مائننگ لميٽِڊ ۾ 50 هزار روپين جا شيئرز آهن. انوارالحق ڪاڪڙ وٽ 2 بينڪن ۾ 2 ڪروڙ 20 لک روپيه موجود آهن. ڪراچي جي ڊي ايڇ اي ۾ 40 لک روپين جي ماليت جو هڪ گهر آهي. وزيراعظم پنهنجي گهر جي فرنيچر جي ماليت 4 لک روپيه ظاهر ڪئي آهي.نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر ڪراچي ڊي ايڇ اي 6 ۾ 40 لک روپين جي ماليت جو گهر ظاهر ڪيو آهي. ڪراچي ڊي ايڇ اي ۾ هڪ پلاٽ جي قيمت 1 لک 25 هزار ظاهر ڪئي آهي. هن انهن ٻنهي ملڪيتن کي والد کان مليل تحفن جي طور تي ظاهر ڪيو آهي.شمشاد اختر 2 ارب 79 ڪروڙ روپين جو نئون پاڪستان سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري رکيو آهي. ان جا پي ايس او ۾ 3 لک روپين کان وڌيڪ جا شيئرز آهن. نفع انڪم بينڪ عارف حبيب ۾ 9 لک 47 هزار روپين جي انويسٽ ڪيل آهي. ٽريزري بلز ۾ 10 ڪروڙ 96 لک روپيه ظاهر ڪيا ويا آهن.هن ٽي ڊي آر بينڪ الحبيب ۾ 2 ڪروڙ 41 لک روپيه ظاهر ڪيا آهن هن وٽ صرف 2 لک روپين ماليت جو سون آهي ۽ 19 لک 46 هزار روپين جي روڪ رقم آهي جڏهن ته بينڪن ۾ 39 لک 24 هزار روپيه موجود آهن. شمشاد اختر فرنيچر جي ماليت 2 لک روپيه ظاهر ڪئي آهي.مرتضيٰ سولنگي 2 ڪروڙ 32 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ آهي. ان وٽ 1 ڪروڙ 27 لک روپين جي ماليت جو گهر آهي. سندس گهر واري وٽ اسلام آباد ۾ 2 گهر 31 لک روپين جي ماليت جا آهن. ان جا ايس ايم سي پرائيويٽ لميڊ ۾ 25 هزار روپين جا شيئرز آهن هو ساڍا 12 لک روپين جي گاڏي جو مالڪ به آهي.نگران اطلاعات واري وزير 4 تولا سون جي قيمت 70 هزار روپيه ظاهر ڪئي آهي. سندس گهر واري وٽ 18 لک روپيه روڪ رقم موجود آهي. هن پاڻ وٽ 26 لک 93 هزار روپيه روڪ رقم ظاهر ڪئي آهي جڏهن ته بينڪ ۾ 3 لک 19 هزار ۽ گهر واري وٽ بينڪ ۾ 1 لک 57 هزار روپيه ظاهر ڪيا آهن. نگران اطلاعات واري وزير گهر جي فرنيچر جي ماليت 10 لک روپيه ظاهر ڪئي آهي.نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي جي سامهون ايندڙ اثاثن جي تفصيلن موجب ان وٽ ملتان ۾ 2 ڪينال جو گهر آهي جنهن جي ماليت هڪ ڪروڙ روپيه آهي جڏهن ته ان وٽ ملتان يونائيٽيڊ مال ۾ 2 ڪروڙ 50 لک رپين جي ماليت جو فليٽ به آهي.سينيٽر سرفراز بگٽي وٽ اسلام آباد ۾ 3 ڪروڙ 12 لک روپين جي ماليت جو گهر جڏهن ته ڪوئٽه ۾ هڪ ڪروڙ روپين جي ماليت جو پلاٽ به آهي. گهرو وزير جا 50 لک روپين جي ماليت جا بگٽي سي اين جي سوئي ۾ 50 سيڪڙو شيئر آهن. جڏهن ته 2010 ماڊل جي هڪ گاڏي آهي جنهن جي قيمت 1 ڪروڙ 2 لک روپيه ظاهر ڪئي وئي آهي.سرفراز بگٽي وٽ 67 لک 98 هزار روپيه روڪ، جڏهن ته بينڪ ۾ 6 لک 35 هزار روپيه آهن ان وٽ موجود فرنيچر جي ماليت 68 لک روپيه آهي.سرفراز بگٽي پنهنجن اثاثن ۾ 90 اٺ، 8 هزار 870 رڍون، 4 هزار 60 ٻڪريون، 400 ڍڳيون، 80 ڍڳا، 86 مينهون ظاهر ڪيون آهن. ان جي لائيو اسٽاڪ جي ماليت 6 ڪروڙ 97 لک روپيه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو