نيٽ فليڪس طرز تي پاڪستاني پليٽ فارم تيار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جو پهريون نيٽ فليڪس طرز جو ويزن لانچ ٿي رهيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن ٻڌايو آهي ته پاڪستان جو پهريون OTT لانچ ٿي رهيو آهي،(نيٽ فليڪس جي طرز تي) اسان ٽيڪنالوجي جو معاملو حل ڪري ورتو آهي. فواد چوڌري پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پيمرا کي چيو آهي ته هو مواد تي گائيڊ لائن تيار ڪري، جيئن ئي پيمرا جي گائيڊ لائن ملي وئي ته اسان پرائيويٽ ڪمپنين کي چونداسين ته اسان سان ملو ۽ OTT سروس شروع ڪيون. ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪيترائي صارفين آمريڪي آن لائن اسٽريمنگ سائٽ نيٽ فلڪس جو استعمال ڪري رهيا آهن ۽ هي آمدني جو به هڪ سٺو ذريعو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو