نيوزي لينڊ جي دوري ۾ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ 3 وڪيٽ ڪيپر شامل

لاهور(ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ ۾ پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ 3 وڪيٽ ڪيپر شامل ڪيا ويا آهن.تجربيڪار وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان سان گڏ صاحبزاده فرحان ۽ اعظم خان کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.ڪراچي ۾ تازو ئي ختم ٿيل ڊوميسٽڪ ٽي 20 ۾ ٽاپ اسڪورر صاحبزاده فرحان، جنهن پشاور ريجن لاءِ 12 ميچن ۾ 44.73 جي اوسط سان 492 رنسون ٺاهيون، هاڻي پنجن سالن کانپوءِ ٻيهر پاڪستان لاءِ چونڊجي ويو آهي.27 سالن جي وڪيٽ ڪيپر ۽ ساڄي هٿ جي اوپننگ بيٽسمين پاڪستان لاءِ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 40 رنسون اسڪور ڪيون آهن.4 سينچريون اسڪور ڪندڙ فرحان کان علاوه اعظم خان نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ چونڊيل قومي اسڪواڊ ۾ ٽيون وڪيٽ ڪيپر آهي.اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان معين خان جي پٽ 25 سالن جي اعظم خان پاڪستان لاءِ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 7 رنسون ٺاهيون آهن.ذريعن موجب آسٽريليا خلاف پرٿ ٽيسٽ ۾ ڊيبيو ڪندي 6 وڪيٽون وٺندڙ فاسٽ بالر عامر جمال به اسڪواڊ ۾ شامل آهي، جڏهن ته پي ايس ايل 2023 ۾ سڀ کان وڌيڪ 23 وڪيٽون وٺندڙ عباس آفريدي کي به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيم جو ڪپتان شان مسعود به ٽيسٽ فارميٽ ۾ ٽي 20 اسڪواڊ جو حصو هوندو ۽ اسپن بالر ابرار احمد جي اسڪواڊ ۾ شموليت فٽنس جي حوالي سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو