نيوزيلينڊ پاران پاڪستان خلاف ميچن لاءِ ٽيم جو اعلان

ميلبورين (ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ پاڪستان خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڪيوي ٽيم 15 رڪني رانديگرن جو اعلان ڪيو آهي.ڪيوي ٽيم ۾ ميٽ هينري ۽ لاڪي فرگوسن جي واپسي ٿي وئي آهي، ڪپتان ڪين وليمسن ۽ لاڪي فرگوسن سمورا پنج ميچ نه کيڏندا.نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته ڪپتان ڪين وليمسن پنجن ميچن جي سيريز جي ٽئين ميچ کيڏي نه سگهندو، ان جي جاءِ تي جوش ڪلارڪسن کي ڪپتان بڻايو ويندو.مچل سينٽنر ڪين وليمسن جي غير موجودگي ۾ ٽئين ميچ ۾ ڪپتاني ڪندو، جڏهن ته پهرين ٻن ميچن ۾ بين سيئرز لاڪي فرگوسن جي جاءِ تي هوندو.نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ موجب ٽرينٽ بولٽ ۽ جمي نيشام ليگ ۾ مصروفيتن سبب سيريز نه کيڏندا، جڏهن ته ڪيل جيميسن ۽ مائيڪل بريس ويل مڪمل طور تي فٽ نه آهن.نيوزيلينڊ جي 15 رانديگرن ۾ ڪين وليمسن، فن ايلن، مارڪ چيپمين، جوش ڪلارڪسن، لاڪي فرگوسن، ميٽ هينري، ايڊم ملن، ڊيون ڪنوي ۽ ڊيرل مچل شامل آهن.پاڪستان خلاف سيريز لاءِ گلين فلپس، مچل سينٽنر، بين سيئرز، ٽم سيفرٽ، ايش سوڌي ۽ ٽم سائوٿ به ڪيوي ٽيم جو حصو آهن.ڪيوي بورڊ موجب رچن روندرا کي پاڪستان خلاف ٽي 20 سيريز لاءِ آرام ڏنو ويو آهي.پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي 20 ميچون 12، 14، 17، 19 ۽ 21 جنوري تي کيڏيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو