بينگلورو(ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 35هين ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 402 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو پر بارش سبب ميچ روڪي وئي ۽ ٻيهر ميچ شروع ٿي ته پاڪستان کي 19.3 اوورز ۾ 182 رنز ٺاهڻ جو ٽارگيٽ مليو. بابر ففٽي مڪمل ڪرڻ بعد کلي کيڏڻ شروع ڪيو پر فخر الزمان جنهن 63 بالن تي سينچري مڪمل ڪئي هئي ان سوڍي ۽ بولٽ کي 3 ڇڪا هڻي پاڪستان جو رن ريٽ بهتر ڪيو ته وري بارش شروع ٿي وئي ۽ ٻيو ڀيرو ميچ روڪڻي پئي. ڊڪ ورٿ لوئس (ڊي ايل) رولز موجب پاڪستان کي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 25.3 اوورز ۾ 179 رنز ٺاهڻيون هيون پر ان ٽارگيٽ کان پاڪستان 21 رنز مٿي ٺاهي ويو آهي. هن وقت فخرالزمان 125 ۽ بابر 66 رنز تي ناٽ آئوٽ ڪيريز تي موجود آهن. بارش بند نه ٿي ڊڪورٿ ليوس رول موجب پاڪستان کي 21 رنز تان فاتح قرار ڏنو ويو. نيوزيلينڊ جي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 401 رنسون ٺاهيون، اوپنر ريچن رويندر 108 رنسن جي اننگز کيڏي، ڪپتان ڪين وليمسن 95 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته اوپنر ڊيون ڪانوي 35، ڊيرل مچل 29، مارڪ چيپمين 39 رنسون ٺاهيون. گلين فلپس 41 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.مچل سينٽنر 26 ۽ ٽام ليٿم 2 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. پاڪستان طرفان محمد وسيم جونيئر 3، حسن علي، افتخار احمد ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
