نيوزيلينڊ جي هوم گرائونڊز تي کيڏڻ آسان ناهي:ندا ڊار

ڊنيڊن (ويب ڊيسڪ)پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ندا ڊار جو چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ وومين ڪرڪيٽ ٽيم بهترين ٽيم آهي ۽ سندن گهرن تي کيڏڻ آسان ناهي.ڊنيڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪپتان ندا ڊار چيو ته سيريز کان اڳ اسان جا پريڪٽس سيشن ڏاڍا سٺا رهيا، پريڪٽس ميچن مان اسان کي فائدو ٿيندو، اسان سيريز جا منتظر آهيون.هن چيو ته نيوزيلينڊ وومين ٽيم بهترين ٽيم آهي، پنهنجي هوم گرائونڊز تي کيڏڻ آسان ناهي پر اسان جو بالنگ اٽيڪ سٺو آهي ۽ اسان اسپن ۽ فاسٽ بالنگ ڊپارٽمينٽ کي مضبوط ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو