نيب سنڌ مان وي آر هيٺ ورتل رقم واپس ڪري، مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا نيب کان ڪرپشن جي ڪيسن جي جوابدارن پاران رضا ڪارانه طور واپس ڪيل رقم يعني ’وي آر‘ تحت اوڳاڙيل هڪ ارب 59 ڪروڙ روپيا واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيب چيئرمين کي پئسا واپس ڪرڻ لاءِ خط لکڻ جو فيصلو، نيب طرفان ڪرپشن اسڪينڊل ۾ مختلف آفيسرز کان وي آر تحت اربين رُپيا اوڳاڙيا ويا هئا، ڪابينا ايس آر بي ايڪٽ ۾ به ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، چيف سيڪريٽري کي چيو ويو ته هو ان بابت خط لکي ۽ 2016 ۾ سپريم ڪورٽ جي ازخود ڪاروائي واري ڪيس نمبر 17 ۾ ڏنل حڪم تي عمل ڪرڻ لاءِ نيب چيئرمين کي چيو وڃي.  مشينري، ساز و سامان ۽ اوزارن تي ٽئڪس 5 سيڪڙو مان وڌائي 13 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آھي، ڪي ايم سي ملير جي ڀينس ڪالوني ۾ ڪوس گهر هلائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، سنڌ ڪابينا ڀينس ڪالوني ۾ ڪوس گهرن لاءِ الاٽ ٿيل 29 ايڪڙ زمين واپس وٺي ڇڏي، ڪوس گهرن جي زمين تي بي آر ٽي ريڊ لائين لاءِ بائيو گئس پلانٽ لڳايو ويندو، ڪي ايم سي کي ڪنهن ٻي زمين تي ڪوس گهر ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو