نيب ايون فيلڊ فليٽس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل نه ڪندي: فرخ حبيب

نيب ايون فيلڊ فليٽس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل نه ڪندي: فرخ حبيب

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فرخ حبيب چيو آهي ته نيب اين آر او 2 سبب ايون فيلڊ فليٽس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل نه ڪري رهي آهي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ فرخ حبيب چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان کي ان کليل اين آر او جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته مريم صفدر جي سزا ڪالعدم قرار ڏيڻ واري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف نيب اپيل داخل نه ڪئي، ايون فيلڊ فليٽس ۾ به ساڳي تاريخ ورجائي رهي آهي.فرخ حبيب چيو ته نيب حديبيا ملز ڪيس ۾ سزا ڪالعدم قرار ڏيڻ تي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ناهي ڪئي.پنهنجي بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته نيب ڪيسن تي ٽيڪس ڏيندڙن جا اربين رپيا خرچ ڪيا ويا ۽ هاڻي نيب پ پ جي ڪرپشن کي بچائڻ جو ادارو بڻجي ويو آهي.هن سوشل ميڊيا تي لکيو ته شهباز شريف حڪومتي تبديلي جي آپريشن کانپوءِ نيب ترميمي بل پاس ڪري اين آر او 2 ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو