ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڇ ايم ڊي گلوبل اينڊرائيڊ گو ايڊيشن جو نئون فون نوڪيا سي 1 متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو هن ڪمپني جو هن مهل تائين سڀ کان سستو فون آهي. اهو فون ڪينيا ۾ متعارف ڪرايو ويو ۽ جلد انکي ٻين ترقي يافته ملڪن ۾ پيش ڪيو ويندو. اهو 5.45 انچ جو فون آهي جنهن ۾ آءِ پي ايس پينل ڏنو ويو آهي جڏهن ته اسڪريچ کان بچاءَ لاءِ مضبوط گلاس جو استعمال به ڪيو ويو آهي. موبائل ۾ فرنٽ تي 5 ميگا پڪسل ڪيمرا ۽ ايل اي ڊي فليش موجود آهي جيڪو گهٽ روشني ۾ به تمام خوبصورت تصوير ڪڍي سگهندي اهڙي طرح ڪمپني مهانگي پراسيسر ۽ مشين لرننگ جو خرچ به بچايو آهي. موبائيل جي بيڪ تي هڪ ئي 5 ميگا پڪسل واري ڪيمرا آهي جنهن سان ايل اي ڊي فليش به موجود آهي. 1 جي بي ريم سان 16 جي بي اسٽوريج آهي جنهن ۾ مائيڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ اضافو ڪري سگهجي ٿو. نوڪيا سي 1 ڊبل سم فون آهي پر ايل ٽي اي ڪنڪٽويٽي جو آپشن موجود ناهي پر ٿري جي فون آهي ۽ واءِ فاءِ 4 جي سپورٽ ڪندڙ آهي. 2500 ايم اي ايڇ بيٽري سان گڏ اينڊرائيڊ 9 آپريٽنگ سسٽم ڏنو ويو آهي. خيال رهي ته گذريل هفتي نوڪيا ڪمپني پاڪستان ۾ 20 ڊسمبر تي 2.3 فون متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن جي قيمت 18 هزار رپين کان وڌيڪ رکي وئي هئي.
