نوراني جي 18 پانڌيئڙن جي اجٿماعي نماز بعد تدفين

ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ ) وزير اعليٰ سنڌ سيد مُراد علي شاھ مڪلي ڀرسان ڳوٺ قاسم جوکيو پھچي شاھ نوراني حادثي جي 18 فوتين جي اجتماعي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير قيمتي انساني جانين جي نقصان تي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان وارثن سان ڏُک جو اظھار پڻ ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مُراد علي شاھ چيو ته سنڌ حڪومت فوت ٿيلن جي وارثن جي ڀرپور مالي سھائتا ڪندي. ھُن چيو ته حادثي ۾ 18 قيمتي جانين جي اجل جو شڪار ٿيڻ تي تمام گهڻو افسوس ۽ ڏک پھتو آھي اسان ڏکوئل خاندان سان ھن ڏک جي گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آھيون. ھُن چيو ته ڪراچي ۾ 11 زخمين کي شھيد بينظير ڀٽو ٽراما سينٽر منتقل ڪري سندن بھتر علاج شروع ڪرايو ويو آھي جڏھن ته 2 ٻارڙن جي حالت خراب ھئڻ ڪري کين جناح اسپتال واري ٻارڙن جي شعبي ۾ منتقل ڪري آئي سي يو وارڊ ۾ رکيو ويو آھي ته جئين سندن بھتر علاج ٿي سگهي. سنڌ ۾ بدامني بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ھُجي يا ڪشمور سميت اُتر سنڌ وارن علائقن ۾ داڙيل ڪلچر جي ذميوار نگران حڪومت آھي، اسان جڏھن حڪومت ڇڏي ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي وارداتن ۾ گهٽتائي اچي چُڪي ھئي. ھُن چيو ته نگران حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب ڪراچي بدامني جي حوالي سان 27ھين نمبر تي پھچي چڪو آھي. ھن چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم سميت سنڌ ۾ اغوا جي ٿيندڙ وارداتن کي پاڻ مانيٽر ڪري رھيو آھيان ۽ ان حوالي سان آءِ جي سنڌ سميت لاڳاپيل عملدارن سان گڏجاڻيون ڪري کين ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن، ڏوھن تي ڪنٽرول ڪرڻ کي اولين ترجيحي ڏني وئي آھي، ھن وقت اسان جي پوليس متحرڪ آھي جيڪا ڪراچي سميت ڪچي وارن علائقن ۾ به رينجرز سان گڏجي ڪم ڪري رھي آھي، انشاءِ الله سنڌ ۾ جلد امن امان قائم ڪيو ويندو. ان موقعي اجتماعي جنازي ۾ ايم اين اي صادق علي ميمڻ، ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، ايم پي اي سيد شاھ حسين شاھ شيرازي، اڳوڻو ايم پي اي ڄام اويس گهرام، اڳوڻو صوبائي وزير ساجد جوکيو، چيئرمين ضلع ڪائونسل عبدالحميد پنھور، پ پ اڳواڻ محمود عالم شاھ، ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن احسن علي قريشي، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو، ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران خان سميت ضلعي جي سياسي سماجي شخصيتن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو