نوجوان اديب، صحافي يونس ڀٽو جي 35هين سالگره ملهائي وئي

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) سنڌي ٻولي جي نوجوان اديب، صحافي ۽ پريس ڪلب مومل جي ماڙي جي صدر يونس ڀٽو جي 35 هين سالگرھ جي ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب پريس ڪلب گهوٽڪي ۾ منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ اديبن، شاعرن، سگهڙن توڙي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي صحافي نياز چنه، آزاد مهر، ماجد سنگهڙ، ظفر علي ڀٽو، حميد ڪلادي، علي ملهڻ، فريد ملڪ، عبدالحئي ساوند، عادل نواز قاضي، ذوالفقار سندراڻي، پنڃارام هوتواڻي، يوسف منگي، نديم ڀٽي، ٻالڪ ادبي فورم جي جنرل سيڪريٽري عبدالحئي ڀٽو، جسقم اڳواڻ اڪرم ٿهيم، غلام مرتضيٰ ڪٽپر، زوهيب چنه ۽ ٻين گڏجي ڪري يونس ڀٽو جي 34 هين سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي ته اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته يونس ڀٽو سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين تخليقڪار آهي هو علائقي جو هڪ بهترين قلم ڌڻي آهي جنهن قلم ذريعي  مظلوم ماڻهن جو آواز بلند ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو