لنڊن(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جو قائد ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف سيپٽمبر جي وچ ڌاري پاڪستان پهچندو. شريف خاندان جي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته نواز شريف کي سندس پارٽي جي ڪجهه اڳواڻن سيپٽمبر جي وچ ۾ اچڻ لاءِ زور ڀريو آهي.ذريعن موجب شريف خاندان جي وڪيلن ۽ سياسي ساٿين نواز شريف کي وچ اوڀر ۽ يورپ جي دوري کانپوءِ فوري طور وطن واپس اچڻ جو مشورو ڏنو هو پر هاڻي ان ڳالهه جي تصديق ٿي وئي آهي ته نواز شريف سيپٽمبر جي وچ ڌاري پاڪستان پهچندو.
