نواز شريف سان پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر فيصل جي ملاقات

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان برطانيا ۾ نئين مقرر ٿيل پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر فيصل ملاقات ڪئي.ڊاڪٽر فيصل ۽ اڳوڻي وزيراعظم وچ ۾ ملاقات سينٽرل لنڊن ۾ حسن نواز جي آفيس ۾ ٿي، جنهن ۾ پاڪستان سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.واضح رهي ته برطانيا ۾ پاڪستان جي نئين هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل هلندڙ مهيني عهدو سنڀالي ورتو هو، برطانيا پهچڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري ڪيٿرائن ڪولون جي نمائندي ڊاڪٽر محمد فيصل سندس آجيان ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو