نواز شريف سان آمريڪي سفير جي ملاقات

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي. مسلم ليگ ن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ ٻطرفن معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي اهميت تي به زور ڏنو ويو. بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، نواز شريف ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته عوام ايندڙ چونڊن ۾ ٻيهر مسلم ليگ ن کي ووٽ ڏيندو. مسلم ليگ ن جي پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ واپار، معيشت، موسمياتي تبديلي ۽ علائقائي سلامتي ۽ استحڪام تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، هن جنگ بندي ۽ انساني ۽ طبي امداد جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو