لنڊن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي وطن واپسي لاءِ 15 آڪٽوبر جي تاريخ تي اتفاق ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته لنڊن ۾ شريف خاندان جي ملاقات ۾ نواز شريف جي وطن واپسي جي تاريخ تي اتفاق ڪيو ويو.ان کان اڳ نواز شريف جي وطن واپسي سيپٽمبر جي وچ ڌاري طئي ٿي وئي هئي.شهباز شريف نواز شريف کي سيپٽمبر بدران آڪٽوبر جي وچ ڌاري پاڪستان پهچڻ جي تجويز ڏني.ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي وطن واپسي تي وڏي ريلي منعقد ڪئي ويندي.
