نواز شريف جي نااهلي ختم ٿي وئي آهي: راڻا ثناءُ الله

لاهور (ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ مان منظور ٿيل 5 سالن جي نااهلي واري قانون تحت نواز شريف جي نااهلي ختم ٿي وئي آهي.هن ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته سنڌ ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) ۽ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿيندي.راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته اليڪشن ۾ ڪاميابي لاءِ ڪي پي ڪي ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ضروري هوندي، پنجاب ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي ضرورت نه پوندي.هن چيو ته جيڪڏهن پنجاب ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي ضرورت آهي ته سمجهي سگهجي ٿو ته ق ليگ پنجاب ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ تيار آهي.ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ ق ليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ آسان ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو