ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صوبائي وزير ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول سنڌ مڪيش ڪمار چاولا پاران گاڏي مالڪن لاءِ وڏو رليف مهيا ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير جي هدايت تي ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪندي عوام، خاص طور تي گاڏي مالڪن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته هو 15 مئي 2025 تائين پنهنجون پراڻيون نمبر پليٽون نئين سيڪيورٽي فيچرڊ نمبر پليٽن سان ۽ پراڻيون گاڏيون رجسٽريشن بڪون نئين سيڪيورٽي فيچرڊ اسمارٽ ڪارڊ سان مٽائي وٺن. ٻي صورت ۾ مهلت جي تاريخ گذرڻ بعد ڪا به رعايت نه ڏني ويندي.










