نسيم شاهه کي دبئي جي گولڊن ويزا ملي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني فاسٽ بالر نسيم شاهه کي دبئي جي گولڊن ويزا ملي وئي.سوشل ميڊيا تي گولڊن ويزا ملڻ جي خبر شيئر ڪندي نسيم شاهه لکيو آهي ته ان ملڪ جي گولڊن ويزا ملڻ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي جنهن کي مان پنهنجو ٻيو گهر سمجهان ٿو.ان کان اڳ شاداب خان ۽ افتخار احمد سميت ڪيترن ئي پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي دبئي جي گولڊن ويزا ملي چڪي آهي.واضح رهي ته نسيم شاهه ڪلهي جي سرجري سبب ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جو حصو ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو