لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ، ٽرائل ڪورٽ جو شناختي ڪارڊ بحال ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي نادرا جي اپيل منظور ڪري ورتي. عدالت قرار ڏنو ته عدالتون شهريت بابت مقدمي جو فيصلو ڪندي قومي سلامتي جي معاملن کي به نظر ۾ رکن.ٻن شهرين جا شناختي ڪارڊ بحال ڪرڻ خلاف نادرا جي اپيل تي جسٽس محسن اختر ڪياني 14 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو. عدالت قرار ڏنو ته شهريت ثابت ڪرڻ جي ذميواري دعويٰ ڪندڙ شخص تي لاڳو ٿئي ٿي ۽ ان لاءِ لاڳاپيل شخص کي پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جي پاڪستاني شهريت جا ثبوت پڻ پيش ڪرڻا پوندا. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 1979ع کان اڳ جو سرڪاري رڪارڊ شهريت جي تعين ۾ بنيادي اهميت رکي ٿو، جڏهن ته پيدائش جو سرٽيفڪيٽ (برٿ سرٽيفڪيٽ)، پراڻو شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ، ڊوميسائل ۽ تعليمي سندن سميت ٻيون دستاويز پڻ بطور ثبوت پيش ڪري سگهجن ٿيون. عدالت قرار ڏنو ته موجوده ڪيس ۾ دعويدار 1979ع کان اڳ جو ڪو به ڀروسي جوڳو سرڪاري رڪارڊ پيش ناهن ڪري سگهيا. فيصلي ۾ نادرا جي گڏيل ويري فيڪيشن ڪميٽي (Joint Verification Committee) جي رپورٽن کي اهم قرار ڏيندي چيو ويو ته ماتحت عدالتن موجود ثبوتن ۽ قانوني تقاضائن جو صحيح جائزو نه ورتو. عدالت وڌيڪ چيو ته شهريت جا معاملا رڳو شناختي ڪارڊ جا نه پر قانوني حيثيت جو سوال آهن ۽ اهي تڪرار پاڪستان سٽيزن شپ ايڪٽ ۽ نادرا قانونن تحت طئي ٿيندا. فيصلي موجب، اهڙن معاملن ۾ سڌوسنئون سول دعويٰ ٻڌڻ جوڳي ناهي جڏهن متبادل قانوني فورم موجود هجن، ۽ پهرين نادرا جي قانوني فورم سان رجوع ڪرڻ لازمي آهي. عدالت قرار ڏنو ته نادرا ويري فيڪيشن بورڊ ۽ وفاقي حڪومت جي لاڳاپيل فورمز سان رجوع ڪرڻ کانسواءِ نه سول دعويٰ ۽ نه ئي رٽ پٽيشن ٻڌڻ جوڳي هوندي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ثبوتن موجب متاثر ٿيل ماڻهن خالد خان ۽ عطا الله جا شناختي ڪارڊ شڪي شهريت جي بنياد تي بلاڪ ڪيا ويا هئا ۽ سندن خاندان کي گڏيل ويري فيڪيشن ڪميٽي غير ملڪي قرار ڏنو هو، جڏهن ته اسپيشل برانچ، آءِ ايس آءِ (ISI) ۽ آءِ بي (IB) جي رپورٽن ۾ به پاڪستاني شهريت ثابت نه ٿي سگهي هئي. عدالت ماتحت عدالتن جا فيصلا ڪالعدم قرار ڏيندي حڪم ڏنو ته متاثر ٿيل ماڻهو 30 ڏينهن اندر نادرا ويري فيڪيشن بورڈ سان رجوع ڪن، جڏهن ته بورڊ 60 ڏينهن اندر قانون موجب فيصلو ڪرڻ جو پابند هوندو.










