ميھڙ:(ن س) ميھڙ لڳ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام نبي کوسو ۾ گھريلو اڻبڻت تان ڏير پاران ڏنڊا لٺيون ھڻي 45 ورھين جي ڀاڄائي حاجاڻي کوسو کي قتل ڪري ڇڏيو .فوت ٿي ويل عورت جو لاش تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.تعلقه اسپتال ميھڙ ۾ فوتڻ عورت جي وارث غفار کوسو ٻڌايو ته گھريلو اڻبڻت تان ڏير جوابدار نوردين کوسو ڏنڊا لٺيون ھڻي مسمات حاجاڻي زال غلام قادر کوسو کي زخمي ڪيو ھيو جيڪا زخمن جا سور نه نه سھندي فوت ٿي جڏھن ته جوابدار فرار ٿي ويو آھي. جڏھن ته اطلاع باوجود پوليس ڪا به ڪاروائي نه ڪئي آھي لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو آھي










