ميمڻ ڳوٺ ۾ چاچي جي ڀائٽي سان لڄالت، جوابدار گرفتار

ملير (ن س) ميمڻ ڳوٺ ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو، چاچي جي 13 ورهين جي ڀائٽي سان لڄالت، رڙين تي پاڙي وارا پهچي ويا، ڪيس داخل، جوابدار گرفتار، مقدس رشتو پامال ڪرڻ تي علائقي ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل، ، جوابدار کي سخت سزا ڏني وڃي وارث تفصيل موجب ميمڻ ڳوٺ جي علائقي ھاشم خاصخيلي ڳوٺ ۾ هڪ ٻيو انسانيت کي لڄائيندر واقعو پيش آيو آهي ان سلسلي م پورهيت الله پهرايو ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي م فرياد داخل ڪرائيندي چيو آهي ته منهنجي 13 ورهين جي نياڻي حديثه کي چاچي زوهيب لڄا لٽ ڪئي آهي سندس رڙين تي پاڙي وارا پهچي ويا پوليس نينگري جي پيءُ جي فرياد تي جوابدار زوهيب کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي ياد رهي ڪجهه عرصو اڳ ميمڻ ڳوٺ م شاگردياڻي حديقا ميمڻ سان اجتمائي لڄالٽ جو واقعو ٿيو هو جنهن جا جوابدار جيل ڪاٽي رهيا آهن ته هي ٻيو واقعو پيش آيو آهي ٻئي طرف تقدس پامال ڪرڻ تي علائقي ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي آهي ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ هو ته جوابدار کي سخت سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو