پاڪستان کي شڪست، آسٽريليا سيريز کٽي ورتي

ميلبورن(ويب ڊيسڪ)ميلبورن ٽيسٽ ۾ آسٽريليا طرفان ڏنل 317 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ پاڪستان جي ٽيم ٻي اننگز ۾ 237 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ گرين ڪيپس کي 79 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ٻئين اننگز ۾ پاڪستان جي شروعات سٺي نه رهي ۽ عبدالله شفيق 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته امام الحق به 12 جي انفرادي اسڪور تي پويلين موٽيو، آئوٽ ٿيڻ وارو ٽيون رانديگر شان مسعود هو جيڪو 60 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.بابر اعظم 41 رنسون ٺاهي جوش هيزل ووڊ جي هٿان کلين بولڊ ٿي ويو جڏهن ته سعود شڪيل 24 رنسون ٺاهي اسٽارڪ جي بال تي وڪيٽ جي پويان ڪيچ آئوٽ ٿيو، محمد رضوان به 35 رنسون ٺاهي پيٽ ڪمنز جو شڪار ٿيو جڏهن ته عامر جمال به سندس هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. سلمان علي آغا 50 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي ۽ مير حمزا به صفر تي آئوٽ ٿيا.آسٽريليا طرفان پيٽ ڪمنز شاندار بالنگ ڪئي ۽ 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته 4 وڪيٽون مچل اسٽارڪ ۽ هڪ رانديگر جوش هيزل ووڊ هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو.ان کان اڳ راند جي چوٿين ڏينهن آسٽريليا پنهنجي ٻي نامڪمل اننگز 186 رنسن تي 6 وڪيٽن تي شروع ڪئي ۽ پوري ٽيم 262 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، ايلڪس ڪيري 53 رنسن جي اننگز کيڏي. آسٽريليا طرفان مچل مارش 96 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته اسٽيو سمٿ 50، پيٽ ڪمنز 16، نيٿن لائن 11 ۽ مچل اسٽارڪ 9 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا. پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي ۽ مير حمزه 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته ٻه وڪيٽون عامر جمال جي هٿ آيو.ڊيوڊ وارنر 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، مارينس لبوشين 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته عثمان خواجه ۽ ٽريوس هيڊ به کاتو نه کولي سگهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو