سري نگر (ويب ڊيسڪ)والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير فاروق عبدالله چيو آهي ته مير واعظ گهر ۾ نظربند آهي، هو جامع مسجد نه ٿو وڃي سگهي.صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته گورنر منوج سنها ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته مير واعظ آزاد آهي.هن وڌيڪ چيو ته مير واعظ آزاد آهي ته سندس گهر ٻاهران ڀارتي فوجون ڇو لڳايون ويون آهن؟ جيڪڏهن مير واعظ آزاد آهي ته ميڊيا ان جو انٽرويو ڇو نٿي ڏئي سگهي؟
