ميرپورخاص ۾ اڻڄاتل جوابدارن هٿان ڳوٺاڻو قتل

ميرپورخاص ۾ اڻڄاتل جوابدارن هٿان ڳوٺاڻو قتل

ميرپورخاص: (ن س) ميرپورخاص جي مھراڻي ٿاڻي جي حد ڪاھوءَ جو دڙو ڀرسان اڻڄاتل جوابدارن ڪھاڙين جا وار ڪري لکاڏنو خاصخيلي کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي مقتول جا وارث واقعي واري جاءِ تي پھتا، جن پوليس کي اطلاع ڏنو، جيڪا لاش پوسٽ مارٽم جي سلسلي ۾ سول اسپتال کڻائي آئي. ان موقعي تي مقتول جي پٽ دودو خاصخيلي چيو ته والد اسان کان الڳ رھندو ھو جتي ھو رھندو ھو، اتي جاءِ جو ڪم ھلندڙ ھو. ھن الزام ھنيو ته سندس چاچي آچر خاصخيلي ۽ صالح وارن سندس والد کي قتل ڪيو آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ سندن چاچن سان زمين ۽ سڱاوتي جي معاملي تي تڪرار ھلندڙ ھو، انھن ئي اھڙي واردات ڪئي آھي. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي مھراڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ذيشان لغاري ٻڌايو ته مقتول جو پٽ پنھنجي چاچي تي قتل جو الزام ھڻي رهيو آهي،جڏھن ته مقتول جو ڀاءُ وري پنھنجن ڀائٽين تي قتل جو الزام ھڻي رهيو آهي. ھن وڌيڪ ٻڌايو تھ معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد اصل قاتل سامھون آندا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو