مورو واقعو،عرفان جو مڙهه نه ملڻ سميت ٻين مسئلن تي احتجاج جاري

مورو واقعو،عرفان جو مڙهه نه ملڻ سميت ٻين مسئلن تي احتجاج جاري

نوشهروفيروز (ن س)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي گرين انيشيٽو پاڪستان جي نالي تي زمين جي والار, سنڌو درياء تي ڪينال اڏڻ, مورو جي شهيدن جو ڪيس داخل نه ڪرڻ, گرفتار قومي ڪارڪنن جي آزادي ۽ معدني وسيلن جي ڦرلٽ خلاف نوشهرو فيروز ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران تارازو چونڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي جنهن جي اڳواڻي ايس يو پي جو ڄام اسلم ڪوريجو, مهر وسطڙو، ياسين سومرو, خادم سيال، جسقم جو اياز راڄپر, اسد , رحمان تڳر, ايس ٽي پي جو اسد چانڊيو، پ پ شهيد ڀٽو جو خالد چانڊيو, واجد لاشاري, جنيد وسطڙو, فرمان نول, فتاح ڏاهري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ ڪئنال سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ جي سازش آھي. ڪمپني سرڪار آصف زرداري گرين پاڪستان انيشيٽو ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي عڪسري قوتن کي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڏني آھي جيڪا هزارا سالن کان سنڌ جي عوام جي ملڪيت آھي هنن وڌيڪ چيو ته حڪمران ڌر جو بيان کليل دوکو، فريب، ڊرامي بازي ۽ عوام کي گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش آهي. ان جو واضح ثبوت اهو آھي جو مورو ۾ ڳوٺاڻن پاران ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌوء تي ڌاڙي خلاف پرامن احتجاج ڪيو ويو ان تي سنڌ حڪومت نوشهرو فيروز پوليس ۽ پرائيويٽ ماڻهن وسيلي سڌيون گوليون هلرائي زاهد لغاري ۽ عرفان لغاري شهيد ڪيو ويو آھي ڪيترائي قومي ڪارڪن زخمي ۽ گرفتار ڪيا ويا آھن انهن بي گناه شهيدن جو مرضي مطابق ڪيس به داخل نه ٿو ڪيو وڃي ابتو لنجار هائوس کي هٿ سان باهه ڏئي قومي ڪارڪنن سميت شهيد جي وارثن تي جهڙتو ڪيس داخل ڪيا ويا آھن وفاق جي نالي تي سنڌ جي معدني وسيلن جي ڦر لٽ جاري آھي۔ هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سنڌ دشمن منصوبا زمينن جي ولار ڪئنال ٺاهن بند ڪرڻ سان شهيدن جا ڪيس سندن وارثن مطابق داخل نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو۔ياد رهي ته ڪجه پهريان موري ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج ۾ پوليس مظاهرين مٿان فائرنگ ڪئي جنهن سبب ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا،هاڻ حيدر آباد ۾ اسپتال مان عرفان لغاري جو مڙهه پاڻ سان کڻي وڃڻ خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو