موبائل فون ٺاهڻ واري صنعت جي فروغ لاءِ قدمن جي شروعات

اسلام آباد )ويب ڊيسڪ)نگران وفاقي وزير آءِ ٽي ڊاڪٽر عمر سيف چيو آهي ته هو موبائل فون ٺاهڻ واري صنعت جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.اسلام آباد ۾ يو ايس ايڊ ۽ سلڪون وادي جي سهڪار سان منعقد ڪيل سيڙپڪاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڊيجيٽلائيزيشن ۽ 2 لک وڌيڪ آئي ٽي پروفيشنلز جي تربيت لاءِ قدم کنيا ويا آهن.عمر سيف چيو ته آءِ ٽي انڊسٽري کي وڌ کان وڌ مراعتون ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جو پيڪيج تيار ڪيو ويو آهي، آمريڪا سميت آءِ ٽي جي شعبي ۾ عالمي سيڙپڪاري لاءِ راهه هموار ٿيندي.هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ تمام گهڻا موقعا آهن ۽ نوجوانن ۾ صلاحيتون آهن، ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهجي ٿي.نگران وزير وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي، فري لانسنگ جي فروغ لاءِ فري لانسرز سان گڏجي ڪم ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو