خيرپور(رپورٽ سجاد علي ڪٻر) تيز رفتار وين جو ٻن موٽر سائيڪلن کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 5 شاگردن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.حادثو فيض گنج لڳ مهراڻ هاءِ وي تي پيش آيو جتي تيز رفتار وين موٽر سائيڪلن مٿان چڙهي وئي حادثي کان پوءِ واتهڙن امدادي ڪارروائين ۾ حصو ورتو ۽ هيلب لائن تي ڪال ڪئي. گاڏي جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪلون تباهه ٿي وئي جڏهن ته وين کي به ڪافي نقصان پهتو اهي. اسپتال ۾ ايمبولينس خراب هجڻ سبب فوتي جي وارثن پاران ڌرڻو هنيو ويو. وڏي وزير جي هدايت تي ڊي سي ۽ ايس ايس پي متاثرن جي تڏي تي پهتا ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. وڏي وزير پاران في فوتي هڪ هڪ لک امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

هوڏانهن پوليس موجب مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار وين ٻڻ موٽر سائيڪلن کي ٽڪر هنيو حادثي ۾ موٽر سائيڪل سوار امتياز مري، برسات علي، علي جان، ظفر علي ۽ مظفر مري ٿڏي تي فوت ٿي ويا. پوليس موجب شاگردن کي موٽر سائيڪل تي اسڪول نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو. فوتين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو اهي.جڏهن ته اسپتال ۾ ايمبولينس خراب هجڻ ڪري فوتين جي وارثن ۽ شهرين قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي سخت احتجاج ڪيو. جنهن سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ گاڏين جي اچ وڃ به سخت متاثر ٿي آهي. پوليس روڊ کولرائڻ لاءِ مظاهرين سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. ٻئي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حادثي جو نوٽيس وٺندي ايم پي اي ساجد ٻانڀڻ، ڊي سي ۽ ايس ايس پي خيرپور ميرس کي حڪم ڏنو ته هو متاثرن جي پوئنرن سان ملاقات ڪري تفصيلي رپورٽ پيش ڪن.










