اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نگران حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام لاءِ دوائون به مهانگيون ڪري ڇڏيون آهن.ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي 25 حياتي بچائيندڙ دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي تحت ڪينسر جي علاج جي نئين دوا لوريڪا جي قيمت 8 لک 46857 روپيه مقرر ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب دمه جي مريضن جي استعمال لاءِ ان هيلر جي قيمت 1390 روپيه، هيپاٽائيٽس جي هڪ انجيڪشن جي قيمت 10 هزار 275 روپيه ڪئي وئي آهي.پيراسيٽامول ۽ ڊيپ هائيڊراڊلين جي 20 گورين جي نئين قيمت 192 روپيه هوندي. جڏهن ته مليريا ۾ استعمال ٿيندڙ ڪلورو ڪيوين جي قيمت 1 هزار 7 روپيه مقرر ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب ڪينسر ۾ استعمال ٿيندڙ انجيڪشن بورٽيزومب جي قيمت 17 هزار 513 روپيه، انفيڪشن ۾ استعمال ٿيندڙ زيربيڪسه جي قيمت 15 هزار 356 روپيه ڪئي وئي آهي.
