لاهور)ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جو پٽ سليمان شهباز مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي آڏو پيش ٿيو.ذريعن موجب سليمان شهباز کي ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس بابت سوال پيپر ڏنو، سليمان شهباز سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ وقت گهريو.ياد رهي ته سليمان شهباز مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت تي آهي ۽ هو ڪجهه ڏينهن اڳ وطن واپس آيو هو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس کي سليمان شهباز جي گرفتاري کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪندي وزيراعظم جي پٽ کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










