منيب جو سينيئرن سان رويو سخت هو: چيف جو منصور کي خط

منيب جو سينيئرن سان رويو سخت هو: چيف جو منصور کي خط

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جسٽس منصور علي شاهه جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو.جسٽس منصور علي شاهه پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب جسٽس منصور علي شاهه خط لکي صدارتي آرڊيننس تي خدشن جو اظهار ڪندي جسٽس منيب اختر کي ڪميٽي مان ڪڍڻ بابت سوال اٿاريا.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جسٽس منصور علي شاهه جي خط جو جوابي خط لکي ڇڏيو آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ طرفان لکيل خط جو مواد اڃا سامهون ناهي آيو، پر هن جسٽس منيب اختر کي ڪميٽي ۾ شامل نه ڪرڻ جا 11 سبب پيش ڪيا آهن.خط ۾ چيف جسٽس لکيو آهي ته جسٽس منيب جو سينيئر ججن سان رويو انتهائي سخت هو، اهو جسٽس منصور توهان جي اصرار تي ڪيو، قانوني طور توهان سوال نٿا ڪري سگهو ته چيف جسٽس کي ڪميٽي ۾ ڪهڙي جج کي شامل ڪرڻ گهرجي.چيف جسٽس خط ۾ لکيو ته هو هميشه احتساب ۽ شفافيت جو مطالبو ڪندو رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو