منهنجي پيءُ مون لاءِڪروڙين رپيا نه ڇڏيا، مسابا گپتا

ممبئي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي ڀارتي اداڪارا نينا گپتا ۽ ليجنڊ ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر سر ويوين رچرڊز جي ڌيءَ مسبا گپتا جو چوڻ آهي ته منهنجي پيءُ مون لاءِ ڪروڙين رپيا نه ڇڏيا.ٽوئنڪل کنا کي هڪ انٽرويو ڏيندي مسابا چيو ته اڄ به مون کي هر ڪو چوندو آهي ته تون جيڪو آهين پنهنجي والدين جي ڪري آهين.مسابا جو چوڻ هو ته منهنجي باري ۾ منهنجي هڪ دوست کي ڪنهن ٻڌايو ته مسابا کي ڇا ڪرڻو هو، سندس پيءُ کيس ڪروڙين رپيا ڇڏي ويا.هن چيو ته مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته ڪروڙين رپيا نه آهن، مان هاڻي پنهنجي لاءِ دولت ٺاهي رهي آهيان.”منهنجي والدين هڪ بهترين معيار قائم ڪيو،“ مسابا چيو، ”اهي منهنجي گهر جا ٻه مثال آهن جيڪي ڏيکارين ٿا ته توهان ڪيترو عظيم ٿي سگهو ٿا.واضح رهي ته مسابا گپتا ڀارت ۾ اداڪاري ۽ فيشن ڊيزائننگ جي پيشي سان لاڳاپيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو