منشيات خلاف ڪاروائي ڪريو، ايس يو پي جو احتجاج

منشيات خلاف ڪاروائي ڪريو، ايس يو پي جو احتجاج

ٽنڊو محمد خان )مظفر علي بروهي(منشيات جي سرعام واهپي خلاف ايس يو پي جي ڪارڪنن پاران علامتي بک هڙتال ، نعريبازي ، خبر موجب ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن پاران ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ منشيات جي سرعام وڪري خلاف اسٽيشن روڊ تي علامتي بک هڙتال ڪئي ويئي ، ان موقعي تي ايس يو پي جي ضلعي صدر ذوالفقار پپو ڀرڳڙي ، علي غلام سمون ، فقير سليم هاليپوٽو ، ذوالفقار لنڊ ، همت چانڊيو ، سجاد ڳاهو ، پير اڪبر جان سرهندي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ منشيات جو سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي جنهن ۾ چرس آفيم ، هيروئن ، آئيس جو ڪاروبار ڪافي عرصي کان هلي رهيو آهي پر ضلعي انتظاميه منشيات جي واهپي کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ويئي آهي ، هنن چيو ته جيستائين ٽنڊو محمد خان ضلعي مان منشيات جو خاتمو نٿو ڪيو وڃي تيستائين ايس يو پي پاران احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو  .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو