ٽنڊو محمد خان )مظفر علي بروهي(منشيات جي سرعام واهپي خلاف ايس يو پي جي ڪارڪنن پاران علامتي بک هڙتال ، نعريبازي ، خبر موجب ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن پاران ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ منشيات جي سرعام وڪري خلاف اسٽيشن روڊ تي علامتي بک هڙتال ڪئي ويئي ، ان موقعي تي ايس يو پي جي ضلعي صدر ذوالفقار پپو ڀرڳڙي ، علي غلام سمون ، فقير سليم هاليپوٽو ، ذوالفقار لنڊ ، همت چانڊيو ، سجاد ڳاهو ، پير اڪبر جان سرهندي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ منشيات جو سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي جنهن ۾ چرس آفيم ، هيروئن ، آئيس جو ڪاروبار ڪافي عرصي کان هلي رهيو آهي پر ضلعي انتظاميه منشيات جي واهپي کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ويئي آهي ، هنن چيو ته جيستائين ٽنڊو محمد خان ضلعي مان منشيات جو خاتمو نٿو ڪيو وڃي تيستائين ايس يو پي پاران احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو .










