ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ) ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان غلام الله ۾ پھچي پوليس پوسٽ غلام الله جي ھلندڙ ترقياتي ڪم جو جائزو ورتو ان موقعي تي ايس ايس پي ٺٽو عمران خان صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جلد پوليس پوسٽ غلام الله جي بلڊنگ جو ڪم مڪمل ڪرايو ويندو ٺٽي ضلعي جي مختلف پوليس پوسٽ پوليس اسٽيشن تي ھلندڙ ترقياتي ڪمن جو پاڻ جائزو وٺي رهيو آهيان ھن چيو آهي ته ٺٽي ضلعي مان منشيات جو مڪمل خاتمو ڪرايو ويندو ٺٽو ضلعو امن جو ضلحو آهي ھن چيوته غلام الله پوليس پوسٽ کي وڌيڪ نفري ڏني ويندي ھلندڙ ترقياتي ڪم جي جائزي دوران ايس ايڇ او ميرپور ساڪرو کي حڪم ڏنو ته ھن ڪم جي نگراني ڪئي وڃي ۽ صفائي ڪرائي وڃي ان موقعي تي ڊي ايس پي ساڪرو قادربخش خاصخيلي ايس ايڇ او ميرپور ساڪرو گل حسن ڪڇار ۽ ٻيا موجود هئا










