اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 67مريض فوت جڏهن ته هاڪاري ڪيسن ۾ روزاني تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي.اڄ به ڪورونا جا هڪ ڏينهن دوران 4 هزار 469 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪماند اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 44 هزار 279 ٽيسٽ ڪيا ويا. جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ هڪ ڪروڙ 021 هزار 07 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 4 هزار 460 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. گذريل سال جون ۾ پاڪستان ۾ ڪورونا جي صورتحال سڀني کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي هئي.ان دوران ڪورونا جي ڪيسز ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌ ٿي هئي ۽ سڀني کان وڌيڪ هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿي رهيا هئا. ان کان اڳ 16 جون 2020 جي هڪ ڏينهن ۾ سڀني کان وڌيڪ 4 هزار 443 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا هئا. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 6 لک 49 هزار 824 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 64 هزار 355، پنجاب ۾ 2 لک 10 هزار 095، خيبرپختونخواهه ۾ 83 هزار 630، اسلام آباد ۾ 55 هزار 056، بلوچستان ۾ 19 هزار 453، آزاد ڪشمير ۾ 12 هزار 245 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 990 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 42 هزار 384 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 هزار 842 کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 67 مريض فوت ٿي ويا آهن. جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور تي انگ 14 هزار 158 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ 2 هزار 137 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 5 لک 93 هزار 282 ٿي ويو آهي.










