اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ڪورونا وگهي وڌيڪ 52 ماڻهو فوت ٿي ويا، هن مهل تائين فوتين جو انگ 13 هزار 128 ٿي چڪو آهي، اين سي او سي موجب ڪورونا جا وڌيڪ 1579 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 5 لک 87 هزار 14 ٿي ويو آهي، ملڪ ۾5 لک 56 هزار 769 ماڻهو وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن. ملڪ ۾ شرح 4.1 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي، لاهور جي 12 علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي.










