لاهور (ويب ڊيسڪ)ملڪ ۾ کنڊ جو بحران سخت ٿيڻ جو خدشو آهي.ٽي سي پي برازيل ۾ پاڪستان جي ڪمرشل اتاشي کي 100,000 ميٽرڪ ٽن کنڊ امپورٽ ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو.پنجاب جي خوراڪ کاتي جي ذريعن موجب امپورٽ ٿيل کنڊ پاڪستان ۾ 220 رپيا في ڪلو جي حساب سان آرڊر ڪئي پئي وڃي.خوراڪ کاتي وٽ هن وقت 10 لک ٽن سرپلس کنڊ جو ذخيرو موجود آهي، کاتي کي سرپلس کنڊ جا ذخيرا استعمال ڪرڻا پوندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته کنڊ جا اضافي ذخيرا ختم ٿيڻ بعد امپورٽ ٿيل کنڊ مارڪيٽ ۾ ايندي، شهري 100 رپيا في ڪلو جي سرڪاري اگهه تي 220 رپيا في ڪلو کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.پنجاب جي خوراڪ کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته شهرين کي هڪ ڪلو کنڊ لاءِ 120 رپيا وڌيڪ ادا ڪرڻو پوندو.










