اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن ملڪ ۾ ڊيزل جي کوٽ جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڊيزل جو 15 ڏينهن جو اسٽاڪ موجود آهي، ڪڻڪ جي پوک واري موسم دوران ڊيزل جو استعمال ضرور وڌيو هوندو.ذريعن موجب ڊيزل جي درآمد ۾ به واڌ اچي رهي آهي ۽ پي ايس او ڊيزل امپورٽ لاءِ ٽينڊر کوليا آهن جڏهن ته ٻيون آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون به ڊيزل امپورٽ ڪري رهيون آهن ان ڪري ڊسمبر جي آخر تائين ڊيزل اسٽاڪ ختم ٿيڻ جو تاثر غلط آهي.
