ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ 1 هزار رپيا واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ 1 هزار رپيا واڌ ٿي وئي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ 24 قيراط سون جو اگهه هڪ هزار رپين جي اضافي کانپوءِ 2 لک 18 هزار رپيا في تولو ٿي ويو آهي. ايسوسيئيشن موجب 857 رپين جي واڌ کانپوءِ 24 قيراط سون جي 10 گرام جو اگهه 1 لک 86 هزار 900 رپيا ٿي ويو آهي.عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 7 ڊالر وڌي 2 هزار 45 ڊالر في اونس ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو