ملڪ ۾ دوائن جي ٻيهر سنگين بحران جو خدشو ظاهر

ملڪ ۾ دوائن جي ٻيهر سنگين بحران جو خدشو ظاهر

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ دوائن جي ٻيهر سنگين بحران جو خدشو، وفاقي صحت وزارت ڊريپ جي سفارش تي ناڻي کاتي کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته دوائن جي خام مال لاءِ ايل سيز نه کوليون ويون ته دوائن جي بحران جو خدشو آهي.فارماسيـوٽـيڪل مينوفيڪچرز ائسوسيئيشن چيو آهي ته ڀارت ۾ خام مال ٺاهيندڙ ڪمپنين پاڪستان کي ڊفالٽ قرار ڏنو آهي، ڀارت ۽ چيني ڪمپنين اوڌر تي خام مال ڏيڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.ايل سيز کولڻ وارو مسئلو حل نه ٿيو ته ملڪ ۾ دوائن ۽ ميڊيڪل ڊوائيسز جو سنگين بحران ٿي سگهي ٿو، اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان چيو آهي ته پيٽروليم ۽ فارماسيوٽيڪل صنعتن جي امپورٽ تي پابندي ناهي، نشاندهي ڪئي وڃي ته ڪهڙي بئنڪ امپورٽ لاءِ ايل سيز نٿي کولي.

پهنجو تبصرو موڪليو