اسلام آباد(بيورو رپورٽ)هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ ايڊجسٽمينٽ سبب ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ بجلي مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي.ڊسڪوز 22 ارب 56 ڪروڙ رپين جو اضافي بار صارفين تي منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.جولاءِ-سيپٽمبر جي ايڊجسٽمينٽ بجلي جي صارفين تي به لاڳو ٿيندي.نيپرا هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي جي ايڊجسٽمينٽ لاءِ نظرثاني نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب جولاءِ کان سيپٽمبر جي ايڊجسٽمينٽ ٽيرف کي حڪومتي هدايتن موجب هڪجهڙو رکيو ويندو.نيپرا موجب جولاءِ کان سيپٽمبر 2023ع جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ لاءِ نيپرا ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.نيپرا پهرين چوٿين ايڊجسٽمينٽ جي درخواست تي 14 نومبر تي ٻڌڻي ڪندي.ڪمپنين ڪيپيٽي چارجز جي مد ۾ 12 ارب 126 ملين رپيا وصول ڪرڻ جي اجازت طلب ڪئي آهي، جڏهن ته سسٽم چارجز جي مد ۾ 10 ارب 247 ملين رپيا وصول ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.آپريشن ۽ مينٽيننس جي مد ۾ 4 ارب 61 ڪروڙ 70 لک رپيا ۽ ڊيمز جي مد ۾ 6 ارب 61 ڪروڙ 70 لک رپيا وصول ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
