ملڪ نازڪ موڙ تي آهي، 120 ڏينهن اهم آهن: شيخ رشيد

ملڪ نازڪ موڙ تي آهي، 120 ڏينهن اهم آهن: شيخ رشيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ملڪ هن وقت نازڪ موڙ تي آهي، 120 ڏينهن اهم آهن.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير صحيح چيو آهي ته معيشت ۽ دهشتگردي تي قومي اتفاق راءِ ضروري آهي.هن چيو ته سياسي استحڪام کانسواءِ معاشي استحڪام ڪيئن ٿو اچي سگهي، سياسي عدم استحڪام معاشي ۽ قومي سلامتي کي زوال تي پهچايو آهي.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته پاڪستان، عوام، فوج ۽ جمهوريت لازم و ملزوم آهن.اڳوڻي وفاقي وزير اهو به چيو آهي ته ملڪ ۾ استحڪام سان ئي چونڊون ٿينديون جيڪي فوج ئي ڪرائي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو