اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪِ تحفظِ آئينِ پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته پاڪستان هڪ ٻڏندڙ ٻيڙي جيان آهي جنهن کي بچائڻ لاءِ اسانجي تحريڪ جو هي ايس او ايس آواز آهي.
اهڙو اظهار هن هڪ مقامي هوٽل ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) پاران منعقد ڪيل افطار ڊنر جي موقعي تي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
هن افغانستان ۽ پاڪستان جي تناظر ۾ چيو ته پاڪستان غلامي ڏٺي آهي ۽ افعانستان آزادي ڏٺي آهي، تنهن ڪري هي هڪٻئي جي زبان ڪو نه ٿا سمجهن. هن مشاهد حسين سيد جي حوالي سان هڪ واقعي جو ذڪر ڪيو ته جڏهن غلام اسحاق خان صدر هو ته هن چيو هو ته پاڪستان جي بجيٽ ۾ افغانستان لاءِ به رقم رکو، جنهن تي مشاهد وري پڇس ته افغانستان لاءِ پاڪستان جي بجيٽ ۾ پيسا ڇو رکون ته غلام اسحاق خان چيس ته افغانستان کي پنهنجو پنجون صوبو سمجهو. محمود خان جي بقول ته اها ڳالهه مشاهد حسين هڪ ٽي وي پروگرام ۾ به چئي هئي. هن چيو ته جڏهن اها سوچ هوندي حڪمرانن جي ته مسئلو حل ڪيئن ٿيندو؟.
اچڪزئي چيو ته هي ملڪ صوبن ٺاهيو آهي، هر صوبي م جيڪي قدرتي وسيلا آهن، انهن تي مالڪي ان صوبي جي تسليم ڪئي وڃي. هي ملڪ اسانجو آهي، اسين عوام سان گڏجي ان کي بچائينداسين.
هن چيو ته جيسين آئين تي عمل نه ٿيندو، هر ادارو پنهنجو پنهنجو ڪم آئيني حدن اندر رهي نه ڪندو، هي ملڪ نه هلندو. جرنيل سياست مان مداخلت ختم ڪن ته اسان سندن هٿ چمنداسين، جيتوڻيڪ مان پنهنجي ڀاءُ جو به هٿ ناهيان چميو.
اچڪزئي ايران خلاف سمنڊ ۾ جنگي ٻيڙن جي چرپر جو ذڪر ڪندي چيو ته جيڪڏهن آمريڪا حملو ڪيو ته خطي ۾ تباهي مچندي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف وارا چين، ايران افغانستان ۽ پاڙيسري ملڪن سان ڳالهائين ته سمنڊن ۾هي ٻيڙن جي چرپر ڇو آهي، اها ختم ڪرائڻ گهرجي.
هن چيو ته اڳي ماڻهو چوندا هئا رمضان ڄاڻي پٺاڻ ڄاڻي پر هاڻي سنڌي به روزا رکن ٿا ۽ افطار جو انتظام ڪيو ويو آهي. جنهن تي هڪ صحافي چيو ته شايد ئي ڪو هڪ اڌ روزيدار هتي هجي، فڪر نه ڪريو. بهرحال هن چيو ته ايڏي وڏي انگ ۾ اسلام آباد ۾ سنڌي ڏسي خوشي ٿي آهي.
ان کان اڳ مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته هن ملڪ جي سياست تي به قبضو ٿي چڪو آهي، جيڪو ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سياسي پارٽين مان به نظرياتي سياست ختم ٿي چڪي آهي، خوشامد ۽ چاپلوسي کي اهميت ملي ٿي. سياسي پارٽيون عوام بدران اسٽيبلشمينٽ تي ڀاڙين ٿيون ۽ اقتدار جي حوس ۾ ڦاسي پيون آهن. کوکر چيو ته ايوب جي آمريت ۾ عوام فاطما جناح کي اميد جو ڪرڻو سمجهو پر آمريت غالب رهي، بعد ۾ عوام شهيد بينظر ڀٽو کي پنهنجي اميد سمجهو ته هي هالتون بدلائيندي پر معاملو ٺيڪ نه ٿيو. هن وقت عوام کي عمران خان مان اميد آهي پر جيڪڏهن، هن ڪو سمجهوتو ڪيو ته عوام کيس به قبول نه ڪندو ۽ پنهنجي اميد جو ڪرڻو ڪنهن ٻئي ۾ ڳوليندو.
سيد زين شاهه پنهنجي خطاب ۾ ٻئي عالمي جنگ، سلطنت عثمانيه ۽ ماضي جي واقعن جو تفصيلي ذڪر ڪندي چيو ته جيڪا فوج برطانيا جي مفادن لاءِ وڙهي، اها اسانکي ملي، جن هميشه عالمي طاقتن خاطر لڙايون لڙيون ۽ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم نه ٿي سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسين ملڪي معاملن کي سڌارڻ، آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جي ڳالھ ڪريون ٿا ته بارڊر تي جنگ ٿيو وڃي. ظاهر آهي اسانجو ملڪ آهي ۽ اسانکي احتياط ڪرڻو ٿو پوي.
افغانستان مان جيڪي حملا ٿيا ته چيو ويو ته اسرائيل ۽ انڊيا جي چوڻ تي حملا ٿيا آهن. جنگ ٿئي ٿي ته اسين ملڪ جي دفاع ۽ ادارن سان گڏ آهيون.
هن چيو ته اسان پاڙيسرين سان برابري جي بنياد تي بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، اسين ٿرپارڪر ۽ گجرات ۾ آساني سان اچن وڃڻ جا حامي آهيون، اسين چاهيون ٿا ته لاهور مان لنچ امرتسر ۾ ڪري اچون، اهڙي فارين پاليسي جا حامي آهيون.
اسين پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ خلاف ڳالهائڻ چاهيون ٿا، غير قانوني زمينن جي الاٽ منٽ ٿئي پئي. هن چيو ته اردو رابطي جي زبان رهڻ گهرجي، سنڌي، بلوچي، پشتو، سرائڪي، پنجابي ڪشميري، گلگتي ۽ ٻيون هن ملڪ جون قومي زبانون هجڻ گهرجن، جڏهن ايئن ڪنداسين ته پاڪستان هڪ گلدستي جيان هوندو.
زين شاهه چيو ته اسين امن چاهيون ٿا، اسان جو ملڪ سوڀارو ٿئي،
آئين جي تحفظ لاء اسان جيڪا تحريڪ شروع ڪئي آهي اها چاهي ٿي ته ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن. پاڪستان ۽ ان جي صوبن جي وسيلن تي انهن جو اختيار هجي , اسين برابري جي بنياد تي فيصلا چاهيون ٿا.
زين شاهه چيو ته هن وقت بنيادي سياست تي پابندي آهي، اهم سياستدان نااهل ڪيا ويا آهن، خان کي علاج ۽ ملاقات جي سهولت ملڻ گهرجي.
تقريب جي ڪاروائي اطلاعات سيڪريٽري رمضان ٻرڙو هلائي. ايس يو پي اسلام آباد چيپٽر جي صدر شبير احمد جتوئي آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا. تقريب ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن، عورتن، صحافين، وڪيلن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل سنڌ واسين شرڪت ڪئي.
ايئرپورٽن تي اميگريشن سسٽم 1 ڪلاڪ بند رهڻ بعد بحال
ڄامشورو، مسافر بس حادثي جو شڪار، 1 ڄڻو فوت، 9 ڄڻا زخمي
ڪراچي ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت، عورت زخمي
چونڊن ۾ فراڊ تي سزا ڏياريندڙ کي 10 لک ڊالر انعام ڏيندس: ٽرمپ
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ، نوان اگهه لاڳو
وزيراعظم ۽ جماعت اسلامي جي امير ۾ ملاقات طئي
اسرائيل ۾ ٿيندڙ چونڊون ۽ عالمي معيشت تي اثر
حڪومت 2 کرب 35 ارب جي ٽيڪس ڇوٽ تي نظر ثاني ڪري، فاروقي
ايران جي صدر جو علائقائي اتحاد ۽ گڏيل حڪمت عملي تي زور
چين جو سامونڊي تحقيق لاءِ ترندڙ پليٽ فارم ٺاهڻ جو اعلان
لياري جي مرزا آدم خان روڊ جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان جاري
اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ واڌ، نئين شرح 12 سيڪڙو مقرر
قبو سعيد خان،عورت جو گوليون لڳل لاش هٿ
ليوي ختم نه ٿي ته اسلام آباد طرف لانگ مارچ ٿيندو: حافظ
سنڌ ۾ سرنهن، تر ۽ ڪينولا جي پوک ۾ واڌ خوش آئند آهي
غير سياسي جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ لاڏاڻو ڪري ويو
ڀارتي سيڪيورٽي فورسز هٿان سجاول واسي 4 مهاڻا گرفتار
سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اضافو
ٽرمپ کي ڌچڪو، برازيل ۾ لولا چوٿون ڀيرو صدر چونڊجي ويو
گمبٽ: شادي جي تقريب ۾ فائرنگ، نينگر فوت










