اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته روپئي جي قدر ۾ بهتري ٿئي پئي جنهن مان ظاهر آهي ته حڪومت ڪجهه نه ڪجهه ته بهتر ڪري رهي آهي نه، ملڪ ۾ سڀ کان وڏو عذاب قبضا مافيا جو آهي، موجوده حڪومت قبضا مافيا خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي، ماضي ۾ قبضا مافيا کي سياسي پٺڀرائي حاصل هئي. اهڙو اظهار هن پهريون ڀيرو عوام سان فون تي رابطي دوران مختلف شهرين جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. هن چيو ته اڍائي سالن دوران اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائي ڇڏيا، اسان جي چوڻ باوجود عدليه سزا يافتا نواز شريف کي 7 ارب رُپين جا شوئرٽي بانڊ وٺڻ بنا پرڏيهه اُماڻي ڇڏيو، آئون اڪيلو ڪرپشن خلاف ويڙهه نٿو ڪري سگهان، عدليه کي به ويڙهه ڪرڻي پوندي، عدليه اسان جو ساٿ ڏئي ته ڪرپشن خلاف ويڙهه ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي ٽئين لهر انتهائي خطرناڪ آهي، عوام ماسڪ پائڻ سوڌو ايس او پيز تي عمل ۾ انتظاميا سان سهڪار ڪري، ميرپور خاص ۾ گئس نه ملڻ واري سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ گئس جا ذخيرا گهٽجي رهيا آهن، گئس جا وڌيڪ کوهه کوٽيا پيا وڃن، پرڏيهه مان آيل گئس مهانگي ملي رهي آهي، ميرپور خاص ۾ گئس نه ملڻ واري معاملي جي پاڻ جاچ ڪرائيندس، هڪ عورت جي سوال جي جواب تي وزيراعظم چيو ته مهانگائي جا مختلف قسم آهن، هڪ دڪان تي شئي هڪ قيمت تي ۽ ٻئي دڪان تي ٻي قيمت تي ملي رهي آهي، جڏهن ته سوالن دوران عورت جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي، اوهان شروع ڏينهن کان چئي رهيا آهيو ته گهبرانا نهين، يا ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪريو يا وري اسان کي گهٻرائڻ جي اجازت ڏيو. وزيراعظم ان تي مسڪرايو ۽ چيو ته عوام جو رت چوسيندڙ گڏجي مظاهرا ڪري رهيا آهن، اُهي چون ٿا ته عمران خان خراب آهي، سندس حڪومت ڪيرايو، منهنجو ڏوهه اهو آهي ته اين آر او نٿو ڏيان، فون تي رابطي دوران عوام وزيراعظم اڳيان شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا، اسلام آباد واسڻ عورت مهانگائي جي شڪايت ڪندي چيو ته وزيراعظم صاحب! يا ته پنهنجو واعدو پورو ڪريو، يا اسان کي گهٻرائڻ جي اجازت ڏيو. لاهور، اسلام آباد ملتان ۽ مختلف شهرن مان شهرين فون ڪري مسئلا ٻڌايا، مري مان ڪريشرز خلاف شڪايت آئي جنهن تي هن چيو ته اڄ ئي ڪاروائي ڪريون ٿا. اسلام آباد جي ڪچي آبادي مان ڪال تي هن چيو ته اسين کين بهترين فليٽ ٺاهي ڏينداسين.










